سام مرزا

سام مرزا: ايران جي نامور عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب سام مرزا پنهنجي هڪ تصنيفتحفه سامي‘ ۾ سنڌ جي شاعرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
سام مرزا، شاهه اسماعيل صفوي اول جو پٽ هو، هي 923 هه/ 1517ع ۾ پيدا ٿيو. 938 هه/ 1531ع ۾ جڏهن شهر هرات ازبڪن جي گهيري مان آزاد ٿيو ته شاهه اسماعيل پنهنجي پٽ سام مرزا کي دورمش خان جي اتاليقيءَ ۾ هرات جو حاڪم مقرر ڪيو. شاهه اسماعيل اول جي وفات کانپوءِ تخت تي شاهه اسماعيل اول جو پٽ شاهه طهماسپ اول ويٺو. سام مرزا 969 هه/ 1561ع ۾ پنهنجي ڀاءُ شاهه طهماسپ اول خلاف بغاوت ڪئي، ان ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ سام ميرزا کي قيد ڪيو ويو ۽ شاهه طهماسپ جي وفات کانپوءِ شاهه اسماعيل ثانيءَ جي تخت نشينيءَ جي موقعي تي 984 هه/ 1576ع ۾ سام مرزا کي قتل ڪيو ويو. هن جو فارسي ديوان موجود آهي. ان کانسواءِ هي ’تحفه سامي‘ جهڙي مستند تذڪري جو مولف آهي، هي تذڪرو ’تذڪره دولت شاهه‘ جو تڪملو آهي ۽ هن 957هه/1550ع ۾ تاليف ڪيو هو.


لفظ سام مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو